عبدالفتاح ميمڻ

عبدالفتاح ميمڻ

عبدالفتاح ميمڻ 2

عبدالفتاح ميمڻ 2: نامور سياستدان عبدالفتاح ميمڻ، 31 جولاءِ 1932ع ۾ شهر ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ انٽر مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سـنـڌ مـسلـم لا ڪـالـيـج ڪـراچـيءَ مـان وڪالت پاس ڪيائين. تعليم مان فارغ ٿـيـڻ بـعد نـوابشـاهه ۾ وڪـالت شروع ڪيائين. ٿوري عرصي ۾ سـندس شمار وڏن قـانـونـي ماهرن ۾ ٿيڻ لڳو. کيس فـوجـداري ڪـيـسن تي دسترس حاصل هئي. هن 1958ع ۾ پنهنجي خاندان مان شـادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ سياسي ميدان ۾ به پير پاتائين. هيءُ شروع ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، کيس ضلعي نوابشاهه لاءِ صدر مقرر ڪيو ويو. ان وقت نوابشاهه ۽ نوشهري فيروز هڪ ضلعو هوندو هو، ڪجهه وقت کانپوءِ پارٽي ڌڙا بنديءَ جو شڪار ٿي وئي، تڏهن پاڻ 1964ع ڌاري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. صدر ايوب جي دور حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ٿيو. کيس 1965ع ۾ فاطمه جناح نوابشاهه مان بي. ڊي جي اليڪشن ۾ انور ميمڻ وڪيل جي مقابلي ۾ اميدوار بيهاريو، جنهن تان ڪامياب ٿيو. 5 جنوري 1968ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فيض محمد وٽ آيو ته ڀُٽي صاحب عبدالفتاح ميمڻ کي پاڻ وٽ گهرائي پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ دعوت ڏني، جيڪا قبول ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. کيس 1971ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاهه جو صدر مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ انهي سال کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هو 1977ع تائين رهيو. کيس 1977ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ، جماعت اسلامي ۽ محمد اڪبر اڄڻ جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اميدوار بيهاريو، جتان کيس ڪاميابي حاصل ٿي. کيس ضياءُ الحق واري مارشلا جي دور ۾ ست ڀيرا گرفتار ڪيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 15 آگسٽ 1983ع تي آخري ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران 20 مئي 1984ع تائين ڪراچيءَ جي جيل ۾ کيس قيد رکيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر وڪالت شروع ڪيائين ۽ سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. عبدالفتاح ميمڻ 30 سيپٽمبر 1999ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.31  عيسوي

نامور سياستدان عبدالفتاح ميمڻ، 31 جولاءِ 1932ع ۾ شهر ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1999.09.30  عيسوي

عبدالفتاح ميمڻ 30 سيپٽمبر 1999ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير محمد پانڌياڻي
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
چولياڻي روپلو
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ
ايل وي پرانجپي
حافظ شفيع محمد محمدي
اعجاز علي بيگ مرزا
ايسر سنگهه بيدي
جيانتي ڪرپلاڻي
ميان عبدالرحيم درس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون